سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر

سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر

سنڌي لوڪ گيت ٻوليءَ جي اوسر

سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڇ، گجرات ۽ دهليءَ جي آسپاس سنڌي جاتيءَ جي مختلف قبيلن ۽ ذاتين ۾ رائج لوڪ گيتن جو ذخيرو گڏ ڪري انهن جو جائزو ورتو آهي. اهو مواد سندس ڌيءَ ڊاڪٽر پارو گدواڻيءَ هندي زبان ۾ ’سنڌي لوڪ گيت‘ جي عنوان سان پوني انڊيا مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب جو الٿو سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان مترجم پارسا رضويءَ ڪري ’سنڌي لوڪ گيت‘ جي نالي سان موجوده سنڌي ۾ آندو آهي. ڪتاب جي ايڊٽنگ ۽ نظر ثاني ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي. ڊيمي سائيز ۾ 119 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 80 رپيا آهي، هيءُ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو